November 28, 2021

آءِ جي سنڌ سياسي ماڻهن جي غلامي ڪري رهيو آهي: حليم عادل شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته پ پ حڪمرانن سنڌ کي پوليس رياست بڻائي ڇڏيو آھي،  زمينن تي قبضا ۽ ڏوھه پوليس جي سرپرستي ۾ ٿي رھيا آھن، سياسي مخالفن کي ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي.

صحافين سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي معاشي دھشتگردن مون تي ڪوڙا ڪيس ٺاھيا آھن، جن کي نو مھينا گذري ويا آھن، آءِ  جي سنڌ بي اختيار آھي ۽ پوليس جا سمورا اختيار وڏي وزير جي پي ايس او فرخ بشير جي حوالي آھن، ھر اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل آھي، اڄ اسان اي ڊي خواجا ۽ ڪليم امام جھڙن افيسرن کي ياد ڪري رهيا آهيون، انھن ڪرپٽ سياسي ماڻھن جي غلامي قبول نھ ڪئي.

هن چيو ته آءِ جي سنڌ کي پنھنجي وردي جو خيال ھجي ھا تھ سياسي ماڻھن جي غلامي نھ ڪري ھا، ڪراچي ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا ٿي رھيا آھن، ڳوٺاڻن کي پ پ جي ماڻھن پئسن عيوض پلاٽ ڏنا، اڄ انھن کي بي گھر ڪيو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته ذوالفقار علي ڀٽي وڏيرا شاھي کي ختم ڪرڻ لاءِ جاکوڙيو ھو پر ھاڻي پ پ وارا انھن وڏيرن کي پٺ مضبوط پيا ڪن.

ھڪ سوال جي جواب ۾ حليم عادل شيخ چيو ته پاڪستان ۾ ايترو تيل نٿو نڪري، ٻاھران تيل گھرائڻو ٿو پوي، ڪرونا جي ڪري سموري دنيا ۾ مھانگائي ٿي آھي، دنيا ۾ تيل جا اگھھ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ وڌيا آھن ۽ پاڪستان ۾ ان جي ڀيٽ ۾ گھٽ ريٽ آھن