November 28, 2021

استادن جي ڀرتين بابت سردار شاهه جو بيان به سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) استادن جي ڀرتين جي معاملي تي شرطن ۾ نرميءَ جي حوالي سان سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه جو موقف به سامهون اچي ويو.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد سردار شاهه چيو ته تعليم کاتي ڪابينا کي استادن جي ڀرتين جي معاملي تي شرطن ۾ نرميءَ جون سفارشون ڪري ڇڏيون آهن.

هن چيو ته هر مضمون ۾ 45 سيڪڙو نمبرن جو شرط ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، ڪنهن هڪ مضمون ۾ 80 ۽ ٻئي ۾ گهٽ مارڪون کنيون آهن ته ان سان ناانصافي نه ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته عورتن جون پاسنگ مارڪس 40 ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، عورتن کي پاسنگ مارڪس ۾ وڌيڪ رعايت به ڏني ويندي.

صوبائي وزير چيو ته عورتن کي رعايت ڏيڻ جو مقصد کين وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ آهي