November 28, 2021

ايس ايڇ او لاءِ گهٽ ۾ گهٽ بي اي پاس هجڻ جي قانون سازي ڪري رهيا آهيون: فروغ نسيم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قانون بابت وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته ٿاڻي جي اسٽيشن هائوس آفيسر (ايس ايڇ او) لاءِ گهٽ ۾ گهٽ بي اي پاس هجڻ جي قانون سازي ڪري رهيا آهيون.

ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي فروغ نسيم چيو ملڪيت جي قانون تي بل آندوسين ته وڪيلن مخالفت ڪئي ته ڪيس گهٽ ٿي ويندا، ڀلي ڪيتري به مخالفت ٿئي پرواهه ناهي، ڪير ڪجهه به ڪري حق ۽ سچ جو ساٿ نه ڇڏينداسين.

هن چيو ته فوجداري عدل جي نظام ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، سڌارن کانپوءِ 9 مهينن ۾ ڪيس جو فيصلو ٿي سگهندو.

سندس چوڻ هو ته سڄي عدالتي نظام جو مرڪز انگريزي ٻولي آهي، قانون سازي ڪري رهيا آهيون ته ايس ايڇ او گهٽ ۾ گهٽ بي اي پاس هجي.

وفاقي وزير موجب عدالتي نظام ۾ فرانزڪ جي اهميت تي به ڪم ڪيو ويندو، پوليس زبردستي مارڪٽ ڪري 161 جو بيان رڪارڊ ڪري ڇڏيندي آهي.