August 13, 2022

جيڪولين فرنانڊس جو گهيرو تنگ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) دوکيبازي ۽ مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنانڊس ٽيون ڀيرو به ڀارتي ايجنسي سامهون پيش نه ٿي سگهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي ايجنسي انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ اداڪارا جيڪولين فرنانڊس کي اڄ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو هو پر هوءَ تامل ناڊو جي جابلو علائقي ۾ پنهنجي نئين ايندڙ فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف هجڻ سبب پيش نه ٿي سگهي، جنهن کانپوءِ اداڪارا کي 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ طلبي جو نئون نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

نئين نوٽيس ۾ جيڪولين فرنانڊس کي سومر 18 آڪٽوبر تي پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ان کان اڳ اداڪارا نورا فتحي کان به ان کي ڪيس جي سلسلي ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي.

انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ گرفتار جوابدارن چندرا شيکر ۽ ان جي گهرواري اداڪارا لينا پال خلاف مني لانڊرنگ ۽ فراڊ جي جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته جيڪولين ۽ نورا جا چندرا شيکر ۽ ان جي گهرواري سان ويجها لاڳاپا آهن، تنهن ڪري جاچ جو دوران انهن تائين پکيڙيو ويو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube