November 28, 2021

حڪمرانن جو خاتمو ڪري ساهه پٽينداسين: فضل الرحمان

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اتحاد جو مقصد حڪمرانن جو احتساب ڪري کين انجام تي پهچائڻو آهي.

فيصل آباد ۾ پي ڊي ايم جي جلسي سان خطاب ڪندي فضل الرحمان چيو حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توهان جو احتساب جو ڊرامو ختم ٿي ويو، پي ڊي ايم کي توهان جو احتساب ڪري انجام تي پهچائڻو آهي ۽ اسان اهو ڪم ضرورو پورو ڪنداسين.

هن چيو ته رياستن جي بقا جو دارومدار معيشت تي آهي، جيڪڏهن معاشي صورتحال خراب هجي ته رياست جي بقا خطري ۾ پئجي ويندي آهي، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا ۾ معيشت جي جنگ شروع ٿي چڪي آهي پر اسان جي معيشت کي حڪمرانن تباهه ڪري ڇڏيو آهي، عوام تي مهانگائي جا جبل ڪيرايا ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته عوام جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو انهن تي ظلم ڪيو ويو آهي؟ معيشت تباهه، پارليامينٽ کي غير مستحڪم ڪيو ويو آهي، ماڻهو آپگهات ڪن ته پارليامينٽ جي ڪهڙي حيثيت رهجي ويندي؟

فضل الرحمان چيو ته ڀارت توهان جي وجود تي حملو ڪري رهيو آهي، توهان ڪشمير جو سودو ڪري پاڻ کي عوام جا نمائندا ڪيئن ٿا سمجهو؟ سڀني کي چور ٿا چئو پر پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسو، توهان ته تحفي ۾ مليل گاڏيون به کپائي ڇڏيون.

پي ڊي ايم سربراهه چيو ته عوام کي منظم ٿي ميدان ۾ نڪرڻو آهي ۽ اسان حڪمرانن جو خاتمو ڪري ساهه پٽينداسين.