November 28, 2021

حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو بار پاڻ برداشت ڪري رهي آهي: حماد اظهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو بار پاڻ برداشت ڪري رهي آهي.

پنهنجي بيان ۾ حماد اظهر چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ غربت جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي.

هن چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ آءِ ايم ايف جي چوڻ تي نه ڪئي پر عالمي مارڪيٽ ۾ گهرج ۽ پهچ سبب قيمتن ۾ واڌ ٿي، اسان پيٽروليم ليوي 30 رپيا مان ساڍن 5 رپين تي آڻي چڪا آهيون.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ گئس ڀارت جي ڀيٽ ۾ سستي آهي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ رليف ڏيڻ جي حڪومتي گنجائش گهٽ ٿي رهي آهي.

واضح رهي ته حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 12 رپيا 44 پئسا في ليٽر تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ عوام توڙي اپوزيشن حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.