January 18, 2022

”دبئي جي ڪنڊيشن جو اندازو آهي پر هر شعبي ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي“

دبئي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ فخر ۽ ميگا ايونٽ ڪپتاني ڪرڻ چئلينج آهي، پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ کيڏي رهيو آهيان ۽ خوشي آهي ته ميگا ايونٽ ۾ ڪپتاني ڪري رهيو آهيان.

ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته ايونٽ ۾ سٺو ڪرڻو آهي، ڇو ته سٺي ڪارڪردگي سان اعتماد ملندو آهي، مان فارم ۾ آهيان، ان جو فائدو وٺندس، ايونٽ شروع ٿيڻ جو منتظر آهيان.

هن چيو ته پاڪستان 2009 ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيو، اهو فخر جوڳو وقت هو ۽ هاڻ به ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ته ٻيهر ائين ٿئي، گڏيل عرب امارتن ۾ اسان گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي، ڪنڊيشن جو اندازو آهي ۽ فائدو ٿيندو پر اسان کي هر شعبي ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.

سندس موجب ورلڊ ڪپ کان اڳ بدقسمتي سان عالمي سيريز نه ٿي سگهيون،  جڏهن ته ڊوميسٽڪ ۾ ڪجهه رانديگرن جي ڪارڪردگي بهتر نه هجڻ سبب تبديليون ڪرڻيون پيون، شعيب ملڪ، فخر زمان ۽ حيدر علي ٽيم ۾ آيا آهن، شعيب ملڪ تجربي ڪار آهي، ان جو شمار فٽ ڪرڪيٽرن ۾ ٿيندو آهي، کيس پليئنگ اليون ۾ کيڏائڻ بابت اسان کي اڃا پلان ٺاهڻو آهي.

بابر اعظم وڌيڪ چيو ته محمد رضوان بهترين وڪيٽ ڪيپر آهي، ان سان گڏ بيٽنگ ڪندي سٺو لڳندو آهي ۽ اسان ۾ هم آهنگي به آهي، ڪوشش هوندي ته رضوان سان گڏجي وڏي اننگز کيڏان.

قومي ٽيم جي ڪپتان موجب ورلڊ ڪپ ۾ ڪين وليمسن منهنجو پسنديده بيٽسمين ۽ حسن علي پسنديده بالر آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube