November 28, 2021

رميز راجا، سارو گنگولي جي آڇ ٿڏي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئرمين رميز راجا انڊين پريميئر ليگ جو فائنل ڏسڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه سارو گنگولي پي سي بي چيئرمين رميز راجا کي آءِ پي ايل جو فائنل ڏيڻ جي دعوت ڏني هئي.

ذريعن موجب رميز راجا معذرت ڪندي چيو ته مون کي واپس پاڪستان وڃڻو آهي.

واضح رهي ته پي سي بي چيئرمين رميز راجا ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دبئي ويو هو، جتي هن جي سارو گنگولي سان غير رسمي ملاقات ٿي هئي.

ياد رهي ته انڊين پريميئر ليگ جو فائنل گذريل رات دبئي ۾ کيڏيو ويو هو.