November 28, 2021

شاهه محمود قريشي مهانگائيءَ جي اعتراف سان گڏ وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مهانگائي موجوده حڪومت لاءِ وڏو چئلينج آهي پر اپوزيشن جي خواهش پوري نه ٿيندي، ايندڙ حڪومت به اسان جي هوندي.

ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه وڌڻ سبب حڪومت کي پيٽرول مهانگو ڪرڻو پيو، ڪورونا جي عالمي وبا سڄي دنيا جي معيشت کي متاثر ڪيو پر حڪومت جي ڪوشش آهي ته گهٽ کان گهٽ بار پئي.

هن چيو ته حڪومت کان ٻاهر ويٺل ماڻهن لاءِ صبر جي دعا ڪري سگهان ٿو، حڪومت ختم ٿيڻ جي اپوزيشن جي خواهش پوري نه ٿيندي، سڀني ادارن ۾ لاڳاپا مثالي آهن.

سندس چوڻ هو ته انڌي منڊي اپوزيشن مان حڪومت کي ڪو خطرو ناهي، اسان نه رڳو آئيني مدو پورو ڪنداسين پر ايندڙ حڪومت به اسان جي هوندي.