November 28, 2021

قنڌار ۾ مسجد تي حملي جي ذميواري داعش قبولي ورتي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) دهشتگرد تنظيم داعش ڏکڻ افغان شهر قنڌار ۾ مسجد تي ڪيل آپگهاتي حملي جي ذميواري قبولي ورتي.

جمعي ڏينهن شيعن جي مسجد تي ڪيل حملي کانپوءِ داعش طرفان اهڙو اعتراف ڇنڇر ڏينهن سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ ڪيو ويو.

جمعي جي نماز دوران ڪيل ان حملي ۾ 41 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.

داعش هڪ هفتو اڳ پڻ قندوز ۾ شيعن جي هڪ مسجد کي نشانو بڻايو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا.

واضح رهي ته افغانستان جي 10 سيڪڙو آبادي شيعن تي ٻڌل آهي ۽ انهن جي اڪثريت جو واسطو هزارا برادري سان آهي.