November 28, 2021

مهانگائي گهٽ نه ٿيندي: حڪومت عوام جي ڦَٽن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير شوڪت ترين مهانگائي نه گهٽجڻ جي بُري خبر ٻڌائي ڇڏي.

واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته تيل سميت ٻيون شيون سڄي دنيا ۾ مهانگيون ٿي رهيون آهن ۽ ڇو ٿي رهيون آهن، ان جو سبب خبر ناهي.

هن چيو ڪورونا وبا جا اثر گهٽ ٿيندا ته مهانگائي به هيٺ اچي ويندي، ملڪ ۾ 40 سيڪڙو آبادي کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏينداسين، اسان وٽ ڊيٽا بيس اچي ويو آهي، جنهن سان پتو لڳائي سگهبو ته هر گهر ۾ آمدني ڪيتري آهي.

سندس چوڻ هو ته ايند 4 کان 5 سالن ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 20 سيڪڙو کڻي وينداسين، توانائي سيڪٽر لاءِ معاهدا ٿي چڪا آهن.

شوڪت ترين چيو ته عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) کان هڪ ارب ڊالر ملڻ جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف کي جيڪي انگ اکر ڏنا آهن، انهن جي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ منظوري ٿيندي.

واضح رهي ته حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 12 رپيا 44 پئسا في ليٽر تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ عوام توڙي اپوزيشن حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.