November 28, 2021

مون کي عمران خان خلاف استعمال ڪيو ويو: جمائما

1 min read

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما خان دعويٰ ڪئي آهي ته سياسي مخالفن عمران خان کي نقصان پهچائڻ لاءِ مون کي مهري طور استعمال ڪيو.

پرڏيهي ميڊيا کي پنهنجي تازي انٽرويو ۾ جمائما چيو ته جيئن اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن کي ڌڪ رسائڻ لاءِ مونيڪا ليونسڪي کي استعمال ڪيو ويو، ائين ئي سياسي مخالفن عمران خان کي نقصان پهچائڻ لاءِ مون کي مهري جيان استعمال ڪيو.

واضح رهي ته جمائما خان، بل ڪلنٽن ۽ مونيڪا ليونسڪي جي لاڳاپن ۽ ان سان جڙيل مواخذي جي ڪهاڻي تي ٻڌل ڊرامي Impeachment جي پروڊيوسر آهي، جنهن کي 19 آڪٽوبر کان برطانوي ٽي وي تي نشر ڪيو ويندو.