November 28, 2021

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي جرسي پڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ۾ شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي جرسيءَ جو افتتاح ٿي ويو.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ دبئي پهچي وئي آهي، جتي ان جو پهريون مقابلو 24 آڪٽوبر تي روايتي مخالف ڀارت سان ٿيندو.

ميگا ايونٽ لاءِ قومي ٽيم جي جرسيءَ جو افتتاح به ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان پي سي بي سوشل ميڊيا تي جرسيءَ جون تصويرون جاري ڪيون آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان سوشل ميڊيا تي جاري تصويرن سان گڏ ڪيپشن ۾ عوام کي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن توهان پنهنجي آفيشل شرٽ خريد ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڏنل لنڪ ذريعي حاصل ڪري سگهو ٿا.