November 28, 2021

آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي ناڪامي جي خبرن تي ناڻي واري وزارت جو ردعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت وفاقي وزارت وضاحت ڏني آهي آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهين جي خبرن ۾ ڪا سچائي ناهي.

ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم موجب جمعي ڏينهن ڳالهيون جتي هيون، سومر کان اتان ئي شروع ٿينديون ۽ اهي ڳالهيون بنا وقفي سومر کان ٻيهر شروع ٿينديون.

ترجمان جو چوڻ هو ته ڳالهيون ختم ٿيڻ جي ڪا حتمي تاريخ ناهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪاميابيءَ تائين جاري رهنديون.

ترجمان موجب ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ان جي ٽيم واشنگٽن ۾ ڳالهين لاءِ موجود آهي، شوڪت ترين ۽ اسٽيٽ بئنڪ گورنر شيڊيول موجب نيو يارڪ ۾ ملاقاتن ۾ مصروف آهن.

واضح رهي ته ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو هو ته حڪومت مهانگائي اڳ ۾ ڪري ڇڏي ۽ هاڻ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون به ناڪام ٿي ويون، اها آهي حڪومت جي حڪمت عملي؟