November 28, 2021

آريان خان اين سي بي آفيسر کي واعدو ڏئي ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي پٽ نارڪوٽس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) جي آفيسر کي هڪ سُٺو انسان بڻجڻ ۽ غلط رستي تي نه هلڻ جو واعدو ڪيو آهي.

اين سي بي آريان خان کي 2 آڪٽوبر تي ڪروز شپ جي هڪ پارٽي تان چرس هٿ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي.

عدالت آريان خان جي ضمانت واري درخواست 20 آڪٽوبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي آهي جنهن کانپوءِ آريان خان وڌيڪ وقت جيل ۾ گذاري رهيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آريان خان اين سي بي جي زونل ڊاريڪٽر سمير واکنڊي سان واعدو ڪيو آهي ته هو اهڙو انسان بڻجي ڏيکاريندو جو توهان کي هڪ ڏينهن مون تي فخر ٿيندو.

ڀارتي ميڊيا موجب آريان خان ان دوران معاشي ۽ سماجي طور تي ڪمزور ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو به واعدو ڪيو ۽ چيو ته هاڻي هو ڪڏهن به غلط رستي تي نه هلندو.