November 28, 2021

اويس قادر شاهه جو عوام جي ڀلائي لاءِ وڏو قدم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه چيو آهي ته پيٽرول نالائق حڪومت مهانگو ڪيو آهي عوام نه، ڪنهن ٽرانسپورٽ کي ڀاڙن ۾ واڌ ڪرڻ نه ڏينداسين.

هڪ بيان ۾ اويس قادر شاهه چيو ته پيٽرول جي قيمت 90 رپين تائين هجڻ گهرجي پر حڪومت بني گالا جي ڪچن جو خرچ عوام کي کيسن مان ڪڍي رهي آهي.

هن چيو ته دنيا ۾ ايتري مهانگائي ڪٿي به ناهي، جيتري نئين پاڪستان ۾ آهي، عمران خان جي حڪومت اڳ ۾ امپائر جي آڱر جي اشارن سان هلندي هئي ۽ هاڻ جادو ٽوڻن سان هلي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته مهانگائي سبب غريب آپگهات ڪري رهيا آهن، بيروزگاري وڌي رهي آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته عوام به بني گالا وڃي هن حڪومت کي هڪ سوئي لڳائي.

اويس قادر شاهه ٽرانسپورٽ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ڀاڙن ۾ واڌ ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.