November 28, 2021

ايئرپورٽ تي سوال پڇندڙ آمريڪي اختيارين معافي ورتي: شهريار آفريدي جي دعويٰ

پئرس (ويب ڊيسڪ) ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي آمريڪي اختيارين طرفان معافي گهرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.

فرانس ۾ تقريب سان خطاب ڪندي شهريار آفريدي چيو ته مان جڏهن آمريڪا ويندو آهيان ته پويان سائي پرچم جي طاقت هوندي آهي، جڏهن آمريڪا پهتس ته افغانستان وڃڻ تي مون کي الڳ ڪمري ۾ وٺي وڃي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي پر پاڪستان جو وفاقي وزير ڄاڻڻ تي اهي پروٽوڪول ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا.

هن دعويٰ ڪئي ته ايئرپورٽ تي سوال ڪرڻ کانپوءِ آمريڪي اختيارين چيو ته توهان اڳ ۾ ڇو نه ٻڌايو ته وزير آهيو، هنن پروٽوڪول جي آڇ به ڪئي پر مان قبول نه ڪئي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت فيڪ نيوز ٺاهيندو آهي ۽ اسان جا پنهنجا به انهن جو ساٿ ڏيندا آهن، اسان جو ليڊر پروٽوڪول تي يقين نٿو رکي، ان کي عوام جي تڪليف جو احساس آهي، حلال جو گِرهه کائڻ واري تي دنيا فخر ڪندي آهي.