November 28, 2021

بلاول ڀٽو ڀوائتي دور مان عوام کي ڇوٽڪارو ڏياريندو: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته غريبن سان گڏ رڳو پ پ جي دل ڌڙڪندي آهي، بلاول ڀٽو غريب ماڻهن جي زندگي بهتر ڪندو.

جناح باغ ۾ پ پ جي جلسي سان خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي ماڻهن هر ڀيري اسان کي اڳ کان وڌيڪ ووٽن سان چونڊيو، حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اسان لاءِ خطرا پيدا ٿي ويندا آهن، جمهوريت ۾ ايوان ۾ بي اعتمادي رٿ ايندي رهندي آهي.

هن چيو ته اڄوڪو جلسو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو هوندو، تحريڪ انصاف حڪومت ۾ رڪارڊ مهانگائي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آهي، ڪنهن جي چوڻ تي ملڪ نه هلندو، ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني هوندي.

سندس چوڻ هو ته اسان ڪڏهن به حڪومت جي پرواهه نه ڪئي، نه ذاتي انا سبب ڪنهن کي نقصان پهچايو، بلاول ڀٽو هن ڀوائتي دور مان عوام کي ڇوٽڪارو ڏياريندو.

مراد علي شاهه چيو ته بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ شهيد ڪري اسان کان کسيو ويو، آصف زرداري 18هين ترميم سان اختيار پارليامينٽ کي ڏنا، آصف زرداري بلوچستان کي حق ڏنا، سنڌ جي ماڻهن سدائين پ پ کي ووٽ ڏنو آهي.