November 28, 2021

دپيڪا ويلڻ جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي، دلچسپ تبصرا

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ اداڪارا ڊپيڪا پڊوڪون جي انسٽاگرام تي تازو شيئر ڪيل اسٽوري سوشل ميڊيا تي بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.

دپيڪا پنهنجي مڙس رنوير سنگهه جي نئين شو ”دي بگ پنڪچر“ کي پروموٽ ڪندي پروگرام جي فارميٽ تحت ويلڻ جي تصوير شيئر ڪئي ۽ 4 آپشن به ڏنا.

دپيڪا اسٽوري ۾ لکيو ته رنڌڻي ۾ استعمال ٿيندڙ هن شيءِ جو اصل ڪم ڪهڙو آهي؟

ان سان گڏ اداڪارا هيٺ آپشن ڏنا جن ۾ 1. ماني پچائڻ، 2. انڊا پچائڻ، 3. دير سان گهر ايندڙ مڙس کي مار ڏيڻ، 4. گهٽي واري ڪرڪيٽ راند ۾ بيٽ بڻجي ڪم اچڻ.

جنهن تي سندس مڙس اها اسٽوري شيئر ڪندي لکيو ته مونکي خبر ناهي ته ان کي ڇا جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي مان ان تي لائيف لائن وٺڻ چاهيندس.