November 28, 2021

”قومي ڪرڪيٽرن کي ناڪامي جو خوف ختم ڪري اعتماد سان کيڏڻ گهرجي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد پاڪستاني رانديگرن کي اهم مشورو ڏئي ڇڏيو.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته ٽيم کي ڄمي ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي ۽ رانديگرن کي گهرجي ته پنهنجو هوم ورڪ ڪري کيڏن.

هن چيو ته رانديگرن کي پنهنجي ذميواري سمجهڻي پوندي، انهن کي نيٽ پريڪٽس جاري رکڻ گهرجي، رانديگرن کي ناڪامي جو خوف ختم ڪري اعتماد سان کيڏڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته بابر اعظم سٺي بيٽسمين آهي ۽ کيس لمٽ ۾ کيڏڻ گهرجي، بيٽسمينن کي بالرن کان بابت ذهني طور آگاهه هجڻ گهرجي، ان سان اهي سٺو اسڪور ڪري سگهن ٿا.