November 28, 2021

”ملڪ ۾ اڄ به آمريت آهي، ڪنهن ٻئي کي اجازت نه ڏينداسين ته ملڪي قيادت جو فيصلو ڪري“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم جتي هٿ وڌو، اتي تبديلي نه تباهي آئي، جيترو چور هن وقت اسان جو وزيراعظم آهي، ايترو پاڪستان جي تاريخ ۾ ناهي گذريو، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ اڄ وري پ پ جي ضرورت آهي.

ڪراچي جي جناح باغ ۾ ڪاساز سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير ڀٽو هڪ آمر سان وڙهڻ لاءِ پنهنجي زندگي جي پرواهه نه ڪندي پاڪستان آئي ته جيئن ملڪ کي آمريت مان ڇوٽڪارو ۽ عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏئي سگهجي پر کيس شهيد ڪيو ويو، پ پ جا جيالا بم ڌماڪن کان ناهن ڊڄندا، اسان ڪارساز سانحي جي شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا.

هن چيو جيڪڏهن ڪالهه آمريت هئي ته اڄ هن هٿ ٺوڪئي نظام ۾ به آمريت ئي آهي، عمران خان چوندو هو جڏهن مهانگائي وڌي ته سمجهو وزيراعظم چور آهي، جيتري مهانگائي هن وقت آهي، ايتري پاڪستان ۾ تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي رهي، جيترو چور هن وقت اسان جو هٿ ٺوڪيو وزيراعظم آهي، ايترو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو وزيراعظم چور ناهي رهيو، حڪومت جي پڄاڻي تائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.

سندس چوڻ هو ته هن وقت بجلي، گئس، پيٽرول مهانگائي جي انتها تي آهن، نوڪرين ۽ گهرن جو واعدو ڪيو ويو پر عوام کان روزگار ۽ اجها کسيا ويا، اهو آهي خان صاحب جو نئون پاڪستان، اها تبديلي نه تباهي آهي، انهن اسان جي معيشت جي تباهي جو بندوبست ڪيو آهي، وزيراعظم جتي هٿ وڌو، اتي تبديلي نه تباهي آئي پر سڀ ڄاڻي ڇڏين ته پ پ جي حڪومت اچڻ واري آهي، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ اڄ وري پ پ جي ضرورت آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام کي هاڻ پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻو آهي، اسان ڪنهن ٻئي کي اجازت نه ڏينداسين ته ملڪ جي قيادت جو فيصلو ڪري، پ پ جو نعرو نه تاريخ آهي ته حڪومت ۾ نوجوانن کي روزگار ڏيندي آهي، اسان اهو واعدو نٿا ڪيون ته هڪ ڏينهن ۾ معاشي حالتون ٺيڪ ٿي وينديون پر اهو واعدو ضرور ڪري سگهون ٿا ته اسان جي حڪومت عوام دوست حڪومت هوندي، پهرئين ڏينهن کان پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ ڪنداسين، ملڪ جي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ شروع ڪنداسين.