November 28, 2021

ملڪ ۾ مهانگائي: پي ڊي ايم سربراهه وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن جماعتن جي اتحاد پي ڊي ايم مهانگائي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اپوزيشن اتحاد اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ آئي ڏينهن مهانگائي جا بم ڪيرايا پيا وڃن، غريب کي آپگهات تي مجبور ڪيو ويو آهي، ان صورتحال ۾ پي ڊي ايم اثرائتا قدم کڻي رهي آهي.

هن مهانگائي خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ تحريڪ شروع ڪئي ويندي ۽ اسان فوري طور تي ايندڙ ٻن هفتن لاءِ احتجاج جو اعلان ڪري رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته 12 ربيع الاول جي تقريبن کانپوءِ هر ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ احتجاج ٿيندو، قوم کي اپيل آهي ته احتجاج ۽ ريلين ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪري.

مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم عوام سان گڏ بيهڻ لاءِ تيار آهي، مهانگائي مان جان ڇڏائڻ لاءِ عام ماڻهو کي گهران نڪرڻو پوندو، سڀاڻي پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس آهي، جنهن ۾ اهم فيصلا ٿيندا.

پي ڊي ايم سربراهه چيو ته جون کان هيل تائين پيٽرول جي قيمت ۾ 30 رپيا واڌ ٿي چڪي آهي، نااهل ۽ ناجائز حڪمرانن کي ملڪ تي مڙهيل رهڻ جو ڪو حق ناهي، عوام لاءِ ميدان ۾ نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.