November 28, 2021

پاڪستان خلاف ميچ به ٻين ميچن جيان ئي آهي: ويرات ڪوهلي

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان خلاف ميچ به ٻين ميچن جيان ئي آهي.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو 24 آڪٽوبر تي ٿيندو، جنهن جو مداحن کي بي صبريءَ سان انتظار آهي.

ڀارتي ڪپتان کان جڏهن پڇيو ويو ته پاڪستان خلاف کيڏندي ٻين ٽيمن جي ڀيٽ ۾ مختلف احساس هوندو آهي ته هن جواب ڏنو اها ڳالهه صحيح آهي پر مون کي ائين ڪڏهن محسوس ناهي ٿيو.

هن چيو ته مان سدائين ان مقابلي کي هڪ ڪرڪيٽ ميچ جيان سمجهندو آهيان، مون کي علم آهي ته ان مقابلي جي حوالي سان عوام ۾ وڏو جوش جذبو هوندو آهي ۽ ٽڪيٽن جي گهر به وڌيڪ هوندي آهي.

سندس موجب ها توهان چئي سگهو ٿا ته ان ميچ جو ماحول مختلف آهي، مداحن لاءِ اهو هڪ مختلف قسم جو زبردست مقابلو آهي پر رانديگر جي حيثيت سان اسان جنهن حد تائين پروفيشنل رهي سگهون ٿا رهڻ گهرجي.

واضح رهي ته قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو پنهنجي بيان ۾ چوڻ هو ته اسان دبئي ۾ گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي، اتان جي حالتن کان آگاهه آهيون ۽ ڄاڻون ٿا ته ڪيئن کيڏڻو آهي، ان سبب اسان کي ڀارت خلاف ايڊوانٽيج حاصل آهي.