November 28, 2021

پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو مستقبل روشن آهي: آسٽريلوي ڪامينٽريٽر

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ ڪامينٽري جا فرض انجام ڏيندڙ آسٽريلوي ڪامينٽريٽر مائيڪ هيزمين پاڪستان مان ويندي الوداعي پيغام شيئر ڪيو.

سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي پيغام ۾ مائيڪ هيزمين چيو ته مان پاڪستان ۾ ڏاڍو لطف اندوز ٿيس، گذريل 4 هفتن دوران پاڪستان ۾ وڏو مزو آيو، پاڪستان ڪرڪيٽ جو مستقبل روشن آهي.

هن پنهنجي چاهيندڙن ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا ٿورا مڃيندي لکيو ته ايندڙ ڀيري پاڪستان اچڻ جو منتظر آهيان.