November 28, 2021

ڀارت ۾ مسلمان عورت جو برقعو لهرايو ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ هڪ مسلمان باحجاب ڇوڪري جي ڇڙواڳ ڇوڪرن جي هڪ گروهه طرفان بدسلوڪي جي وڊيو منظر عام تي آئي آهي.

ڀارتي ميڊيا مڌيا پرديش ۾ هڪ مسلمان باحجاب ڇوڪري هندو ڇوڪرَي سان ٺهيل هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي، وڊيو ۾ اوباش ڇوڪرن طرفان هندو ڇوڪرَي سان گڏ مسلمان ڇوڪري کي برقعو لاهڻ تي مجبور ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

ميڊيا رپورٽن موجب اسلام نگر ۾ برقعو پهريل ڇوڪري موٽرسائيڪل تي هڪ ڇوڪرَي سان وڃي رهي آهي ته رستي ۾ کيس ڪجهه ڇوڪرن روڪي ورتو ۽ انهن وڊيو ڀريندي ڇوڪري کان زبردستي برقعو لهرايو آهي.

ڇوڪرن جي خوف کان هندو ڇوڪري به گڏ آندل ڇوڪرِي کي برقعو لاهڻ جو چيو ڇوڪرِي برقعو لاٿو ته ڇوڪرن کي پهريل حجاب به لاهڻ جو چيو.

ڀارتي ميڊيا ٻڌايو ته هندو اوباش نوجوانن کي خدشو هو ته هندو نوجوان سان گڏ ڇوڪري مسلمان آهي ۽ اهڙي عمل ذريعي هوءَ انهن جي قوم کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

وڊيو ۾ اهو ٻڌي سگهجي ٿو ته ڇوڪرِي کي چيو پيو وڃي ته توهان اسان جي قوم کي بدنام پيا ڪريو.