November 28, 2021

ڏکڻ ڀارت ۾ تيز برساتون، 8 ڄڻا فوت، ڪيترائي گم

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارتي رياست ڪيراله ۾ تيز برساتن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي گم ٿي ويا.

ڇنڇر کان شروع ٿيندڙ اهي تيز برساتون ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو سبب بڻيون.

ڀارتي ميڊيا موجب متاثرن جي مدد لاءِ ريسڪيو آپريشن اڄ آچر ڏينهن به جاري رهيو، ڪيترن ئي علائقن ۾ ايمرجنسي نيشنل فورس ۽ فوج جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

فوجي دستا خاص طور انهن ٻن ضلعن ۾ امدادي ڪمن ۾ مصروف آهي، جتي گهڻا ماڻهو گم ٿي ويا آهن.

ڀارت جي گهرو وزير اميت شاهه موجب مرڪزي حڪومت ڪيراله ۾ صورتحال تي نظر رکيو پئي اچي ۽ ان رياست جي مرڪز طرفان هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.