November 28, 2021

35 سيڪڙو پاڪستانين ملڪ ۾ سڀني عورتن کي غير محفوظ قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 35 سيڪڙو پاڪستانين ملڪ ۾ هر عورت کي غير محفوظ قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته رڳو 20 سيڪڙو ماڻهن جي خيال ۾ عورتون مڪمل طور محفوظ آهن.

عورتن جي تحفظ جي حوالي سان پلس ڪنسلٽنٽ جي تازي ترين سروي ۾ پاڪستاني عوام پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

سروي موجب 43 سيڪڙو ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي سمجهن ٿا ته ملڪ ۾ عورتون ڪنهن حد تائين محفوظ آهن.

سروي ۾ عورتن جي محفوظ هجڻ تي عورتن جي راءِ مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هاڪاري نظر آئي.

29 سيڪڙو عورتن گهر کان ٻاهر پاڻ کي محفوظ تسليم ڪيو پر مردن مان رڳو 22 سيڪڙو عورتن کي گهر کان ٻاهر محفوظ قرار ڏنو.