November 28, 2021

اعليٰ گوشت تي ڪُتا پاليندڙ شخص مديني جي رياست ۽ عوام جي ڏک کي ڇا سمجهندو!

لاهور(ويب ڊيسڪ)مخالف ڌر پارٽي مسلم ليگ نون جي نائب صدر مريم نواز ملڪ جي وزيراعظم عمران خان جي تقرير تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم نواز چيو آهي ته هيلي ڪاپٽر کان هڪ درٻار کان ٻئي درٻار تائين سرڪاري خرچ تي سفر ڪرڻ واري کي ڪهڙي خبر تي پاڪستان جي عوام تي ڪهڙي قيامت گذري رهي آهي.

مريم نواز چيو ته جتي عوام بک تي مري رهيو آهي، والدين ٻارن کي زهر پيئاري پاڻ به خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ان ملڪ جو حڪمران وري مديني جي رياست جون ڳالهيون ڪري رهيو آهن.

هن چيو ته مديني جي رياست جو خليفو ڪلهن تي ٻوريون کڻي غريبن جي گهرن تي پهچندو هو.

نون ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته ڇا ڪو به ماڻهو اهڙو به گونگو، بوڙو ۽ انڌو ٿي سگهي ٿو؟ هيلي ڪاپٽر تي سفر ڪندڙ کي عوام جي ڏکن سکن جي ڪهڙي خبر.

سندس چوڻ هو ته جنهن جا ڪُتا به اعليٰ گوشت تي پلجن ان کي مديني جي رياست جو نالو کڻڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي. اهڙي سوچڻ لاءِ به دل ۾ ڏک ۽ احساس هجڻ گهرجي بغض نه.