November 28, 2021

ايران جو پاڪستان کان سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو

ايران پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته ايران کي ڪورونا وائرس بابت پابندين جي سي ڪيٽيگري مان ڪڍيو وڃي ڇو ته پابندي سبب اڏامن جي اچ وڃ نه پر ٻنهي پاسن جو واپار به متاثر ٿي رهيو آهي.

لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز (ايل سي سي آءِ) ۾ واپاري برادري سان خطاب دوران ايراني قونصل جنرل محمد رضا نظري چيو ته ڪورونا وائرس جي پابندين کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ايران کي سي ڪيٽيگري ۾ برقرار رکيو آهي جنهن سبب ٻنهي ملڪن وچ ۽ اڏامن ۽ ٻنهي پاسي جا واپاري لاڳاپا به متاثر ٿي  رهيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي هدايتن کان پوءِ حڪومت جون ۾ سفري ۽ هوائي پابنديون بابت ڪيٽيگري تي نظرثاني ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ايران، انڊيا، بنگلاديش، ڀوٽان ۽ انڊونيشيا تي سفري پابنديون برقرار رکيون ويون هيون.

پاڪستان طرفان عراق، مالديپ، نيپال، فلپائن، ارجنٽينا، برازيل، ميڪسيڪو، ڏکڻ آفريقا، تيونس، بوليويا، ڪولمبيا، ڪوسٽا ريڪا، جمهوري ڊومينڪن، اڪواڊور ۽ ٻين ملڪن کي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪندي، انهن تان پاڪستان سفر ڪندڙن تي پابندي لڳائي هئي.

محمد رضا نظري جو چوڻ هو ته ايران طرفان اهڙي ڪا به پابندي ناهي لڳائي وئي تنهنڪري پاڪستان کي به ايران تان پابندي ختم ڪرڻ گھرجي.

هن شڪايت ڪئي ته ايران ۾ موجود پاڪستاني قونصل خانو ايرانين کي ويزا ڏيڻ ۾ دير ڪري رهيو آهي جڏهن ته اسلام آباد ۾ موجود ايران  قونصل خانو بنا دير سفري دستاويز فراهم ڪري رهيو آهي.