November 28, 2021

قانون جي بالادستي جو معاملو: پاڪستان بدترين ملڪن ۾ شامل

ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ رول آف لا انڊيڪس پنهنجي 2021 جي رپورٽ قانون جي بالادستي جي معاملي ۾ پاڪستان کي بدترين ملڪن ۾ شامل ڪيو آهي.

رپورٽ ۾ قانون جي بالادستي متعلق پاڪستان 139 ملڪن جي فهرست ۾ هڪ سئو ٽيهين نمبر تي آهي.

رپورٽ ڪرپشن، بنيادي حقن، امن امان ۽ سلامتي وغيره جي سببن جي ڪري ملڪن جي فهرست ڏني وئي.

عالمي رپورٽ ۾ موجب نيپال، سري لنڪا، ڀارت ۽ بنگلاديش قانون جي بالادستي بابت پاڪستان کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري وئي آهي.

ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ رول آف لا انڊيڪس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي صورتحال رڳو افغانستان کان ئي بهتر آهي.