November 28, 2021

ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 603 نوان ڪيس ظاهر، 20 ڄڻا فوت

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا. هيل تائين ڪورونا وگھي ٿيل فوتگين جو گڏيل انگ 28 هزار 300 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 43 هزار 786 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 603 ڄڻن ۾ ڪورونا ظاهر ٿيو.

اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 1.82 سيڪڙو رهي، هيل تائين 2 ڪروڙ 27 لک 96 هزار 9 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن.

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ وڌيڪ 12 لک 65 هزار 650 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 12 لک 11 هزار 710 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، ڪورونا جي ڳڻتي جوڳن مريضن جو گڏيل انگ 1 هزار 825 ٿي ويو.