January 18, 2022

والاريل ڪشمير ۾ وحشت جون تياريون، ڳجهين ايجنسين جا ماهر مقرر

سري نگر(ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ آپريشن جي نالي تي ڳجهي ايجنسين جا ماهر مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي پونڇ ۽ راجوري ۾ قابض ڀارتي فورسز جو آپريشن لڳاتار 9 ڏينهن به جاري رهيو.

ڪي ايم سي ٻڌايو ته ڀارتي گهرو وزارت والاريل علائقي ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس اهلڪارن جي مدد جي لاءِ سينٽرل ريزرو پوليس فورس، اين آءِ اي ۽ انٽيلي جنس بيور سميت ٻيون پيرا ملٽري فورسز ۽ ڳجهي ايجنسين جي ماهرن کي مقرر ڪيو آهي.

ڪشميري ميڊيا موجب سينٽرل آرمڊ پوليس فورسز جا اعليٰ عهديدار ۽ انٽيلي جنس ماهر والاريل ڪشمير ۾ فوجي ڪارواين ۾ مدد جي لاءِ موجود آهن، تنهن هوندي به هاڻي نيشنل سيڪيورٽي گارڊز جا نام نهاد دهشتگردي جي روڪٿام جا ماهر به ڪارواين ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس اهلڪارن جي مدد لاءِ وادي ۾ پهچي چڪا آهن.

ٻئي پاسي وادي ۾ هر هنڌ سيڪيوٽي جي نالي تي ناڪا ۽ ماڻهن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري آهي.

واضح رهي ته پلواما ۾ ڪجهه ڏينهن اندر 28 ڪشميرين جا عدالتن کان مٿانهان قتل ڪيا ويا آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube