ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان وارم اپ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي هارائي ڇڏيو
1 min read
دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين وارم اپ ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ ويسٽ انڊين ٽيم پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهي سگهي.
پاڪستان طرفان حسن علي، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته عماد وسيم هڪ شڪار ڪيو.
جواب ۾ قومي ٽيم گهربل هدف 15.3 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ورتو.
پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم بهترين بيٽنگ ڪندي 50 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته فخر زمان 46، شعيب ملڪ 14 ۽ محمد رضوان 13 رنسون ٺاهيون.