November 28, 2021

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ – ڀارت ميچ رد ڪرڻ جو مطالبو سامهون اچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) 24 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي پاڪ – ڀارت مقابلي کان اڳ ئي ميچ رد ڪرڻ جو مطالبو سامهون اچي ويو.

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ عمان ۽ دبئي ۾ شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ قومي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ 24 آڪٽوبر تي روايتي مخالف ڀارت سان کيڏندي پر ڀارتي وزير اها ميچ رد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي يونين منسٽر گري راج سنگهه طرفان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي ڏسندي پاڪ – ڀارت ميچ رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

ڀارتي وزير جو چوڻ آهي ته موجوده حالتن ۾ ٻنهي ٽيمن ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي شيڊيول ميچ نه ٿيڻ گهرجي.

هن ٻين وزيرن کان به پاڪ – ڀارت ميچ رد ڪرائڻ لاءِ ان تي ڪابينا ۾ بحث جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ان ميچ کي ڪنهن ٻي سوچ سان ڏسڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا هن وقت سٺا ناهن.