November 28, 2021

ڀارتي گلوڪار جو حضور صلعم کي عقيدت جو نذرانو پيش

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ناليواري ڀارتي گلوڪار دلير مهدي 12 ربيع الاول جي موقعي تي حضرت محمد مصطفيٰ صه کي خاص طور تي عقيدت جو نذرانو پيش ڪيو.

سک گلوڪار انسٽاگرام تي هڪ منٽ 53 سيڪنڊن جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن جي شروعات هن سِک شاعر مهندر سنگهه جي شعر سان ڪئي.

ان شعر کانپوءِ گلوڪار حضور اڪرم صلعم جي لاءِ پنهنجو ڪلام پڙهيو.

دلير مهدي وڊيو شيئر ڪندي انسٽاگرام تي دنيا جي مسلمانن کي عيد ميلاد النبي صه ۽ ربيع الاول جي مهيني جون مبارڪون ڏنيون.