January 18, 2022

آريان خان جي گرفتاري تي تنقيد، ڪروز شپ جو فوٽو به پوسٽ

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ جي ناليواري پلي بيڪ سنگر ميڪا سنگهه آريان خان جي گرفتاري جي معاملي تي طنزيا انداز ۾ تبصرو ڪندي پڇاڻو ڪيو آهي ته ڇا ايڏي وڏي ڪروز شپ ۾ آريان خان اڪيلو سفر ڪرڻ وارو شخص هو؟

ميڪا سنگ مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ان ئي ڪروز جي تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن مان آريان خان کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ان ڏکئي وقت ۾ شاهه رخ خان جي حمايت ڪئي آهي.

هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ان ڪروز جي تعريف ڪندي لکيو ته واهه، ڇا ته خوبصورت ڪروز آهي، ڪاش مان به ان دورو ڪري سگهان ها.

ڀارتي سنگر طنزيا اندار ۾ لکيو ته ”مون ٻڌو آهي ته اتي گهڻا ماڻهو موجود هئا پر انهن کي آريان خان کانسواءِ ڪير به نظر نه آيو“

هن وڌيڪ لکيو ته ايڏي وڏي ڪروز ۾ رڳو آريان خان ئي گهمي رهيو هو؟ حد ٿي وئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube