January 18, 2022

آزادي کانپوءِ شاهه رخ خان، آريان خان لاءِ ڇا سوچو آهي؟، انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) شاهه رخ خان جي مداحن جي نظرون اڄ آريان منشيات ڪيس جي محفوظ فيصلي تي آهن.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب شاهه رخ خان ۽ گوري پنهنجي پُٽ آريان خان کي آزادي ملڻ کانپوءِ 2 کان 3 مهينن تائين منظر تان گم ڪري ڇڏيندا.

ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته باليووڊ ڪنگ جي ويجهي دوست انڪشاف ڪيو آهي ته شاهه رخ خان ۽ گوري کي اها به خبر ناهي ته انهن جو پُٽ واقعي ڏوهه ۾ ملوث به آهي يا نه، تنهن هوندي به ٻئي آريان خان جي جلدي آزادي جا خواهشمند آهن.

شاهه رخ خان جي ويجهي دوست موجب آريان خان کي هاڻي رات جي وقت ڪنهن به پارٽي ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ دوستن سان ملڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

آريان خان جي والدين اهو فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي انهن جي دوستن تي سخت نظر رکي ويندو ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪو به دوست جيڪو سندس لاءِ ٿوري به تڪليف جو سبب بڻجي انکي کانئس پري رکيو ويندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube