August 13, 2022

آغا سراج دراني ڪاڏي ڀڳو نه پيو وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي اسيمبلي اسپيڪر جي معاملي تي چيو آهي ته آغا سراج دراني ڪاڏي ڀڳو نه پيو وڃي.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي اسپيڪر ڪاڏي ڀڳو نه پيو وڃي، هو ڪابينا جو نگران آهي.

هن چيو هاڻ ته نيب جي آرڊيننس ۾ به تبديليون ڪيون ويون آهن، ادارن سان ٽڪراءَ جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي.

وڏي وزير سنڌ اسيمبلي اسپيڪر جي گهر تي نيب ڇاپي تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اهڙي ڊرامي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ توهان ڇاپو هڻي ڇا ٿا ٻڌائڻ چاهيو؟ آغا سراج دراني جو حق آهي ته اهو سپريم ڪورٽ وڃي ۽ رليف وٺي.

Follow by Email
YouTube
YouTube