January 18, 2022

آمريڪا وڏي عرصي کانپوءِ پاڪستان لاءِ پنهنجو سفير نامزد ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا وڏي عرصي کانپوءِ پاڪستان لاءِ پنهنجو سفير نامزد ڪري ڇڏيو.

وائيٽ هائوس موجب ڊونلڊ ارمن بلوم کي پاڪستان ۾ آمريڪا جو نئون سفير نامزد ڪيو ويو آهي، هو ان کان اڳ تيونس ۾ آمريڪا جو سفير رهيو آهي.

وائيٽ هائوس طرفان چيو ويو آهي ته ڊونلڊ بلوم سينيئر فارن سروس جو ڪيريئر ميمبر آهي، هو اسرائيل ۾ قونصل جنرل جون خدمتون به انجام ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته ڪابل سفارتخاني ۾ پوليٽيڪل ڪونسلر به رهيو آهي.

ڊونلڊ بلوم قاهرا، بغداد ۽ ڪويت ۾ به سفارتي خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته ليبيا لاءِ آمريڪا جا ڊپٽي ڪمشنر، والاريل بيت المقدس جي اسرائيلي قونصل خاني ۾ قونصل جنرل، بغداد ۾ ملٽي نيشنل فورس انگيجمينٽ سيل جو سياسي قونصلر رهي چڪو آهي.

وائيٽ هائوس موجب بلوم مشي گن جي يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي ۽ عربي به ڳالهائي سگهي ٿو، سندس پاڪستان ۾ سفير طور مقرري لاءِ سينيٽ مان منظوري باقي آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي کان آمريڪا جو ڪو سفير ناهي ۽ هن وقت انجيلا ايگلر ڊپٽي ڪمشنر طور خدمتون انجام ڏئي رهي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube