August 13, 2022

اسان جي معيشت بهتر پئي ٿئي، مهانگائي سڄي دنيا ۾ وڌي رهي آهي: اسٽيٽ بئنڪ گورنر

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر چيو آهي ته هيل تائين 2 لک 60 هزار روشن ڊجيٽل اڪائونٽ کُلي چڪا آهن، جن ذريعي 2.6 ارب ڊالر پاڪستان آيا آهن.

لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي رضا باقر چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هاڪاري انداز ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، سڄي دنيا ۾ مهانگائي ٿي رهي آهي، آمريڪا ۾ جيڪا مهانگائي آهي، اها گذريل 30 سالن ۾ ناهي ٿي.

هن چيو ته تيل اگهه وڌڻ سان مهانگائي وڌي رهي آهي، ايڪسچينج ريٽ جون 2019 کان مارڪيٽ تي ڇڏيو ويو آهي، ادائيگين جو دٻاءُ ان ڪري آهي ته اسان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته مان سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ وزيراعظم جو پيغام کڻي آيو آهيان.

Follow by Email
YouTube
YouTube