August 13, 2022

باجوڙ ۾ بم ڌماڪو، پوليس ۽ ايف سي جا 4 اهلڪار شهيد

باجوڙ (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي باجوڙ ۾ بم ڌماڪي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر صمد خان موجب واقعو باجوڙ جي تعلقي وڙماموند جي علائقي تير بانڊاگئي ۾ پيش آيو، جتي روڊ ڪناري لڳل بم سان ريموٽ ڪنٽرول ڊوائس ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو.

ڊي پي او ٻڌايو ته شهيد ٿيندڙن ۾ ٻه پوليس اهلڪار ۽ ٻه ايف سي اهلڪار شامل آهن، جن جي سڃاڻپ عبدالصمد، نور رحمان، جمشيد ۽ مدثر جي نالن سان ٿي آهي.

پوليس اختيارين موجب ڌماڪي کانپوءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube