November 28, 2021

بلوچستان اسيمبلي ميمبر اجلاس ۾ شرڪت بدران دم ڪرائڻ هليو ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان اسيمبلي ميمبر لالا عبدالرشيد بي اعتمادي رٿ جي اجلاس ۾ شرڪت بدران دم ڪرائڻ هليو ويو.

بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف ايوان ۾ بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي وئي ته ان موقعي تي وزيراعليٰ جا مخالف 7 ميمبر ايوان مان گم هئا، جن مان هڪ لالا عبدالرشيد دير سان ايوان ۾ پهتو.

بلوچستان اسيمبلي مان غير حاضر رهندڙ ميمبرن ۾ اڪبر، ليليٰ ترين، بشريٰ رند، ماهه جبين شيران ۽ زينت شاهواڻي شامل هئا، جڏهن ته سردار يار محمد رند ٻاهرين ملڪ هجڻ سبب اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو.

اسيمبلي پهچڻ تي صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي لالا عبدالرشيد چيو ته مان دم ڪرائڻ ويو هيس، تنهن ڪري دير ٿي وئي.

بلوچستان اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ملڪ سڪندر دعويٰ ڪئي ته ايوان مان 5 اسيمبلي ميمبر گم آهن، سڀني کي آئيني ۽ جمهوري حق استعمال ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي.