November 28, 2021

سينيٽ چيئرمين کان واڌو سيڪيورٽي واپس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کان واڌو سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي.

سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب حڪومتي فيصلي تحت سينيٽ چيئرمين واڌو سيڪيورٽي واپس ڪئي، جنهن سان خرچن ۾ گهٽتائي ايندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد پوليس جا ٻه اهلڪار سينيٽ چيئرمين جي سيڪيورٽي تي مقرر آهن.

هوڏانهن ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مرزا آفريدي کان به واڌو سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي.

ذريعن موجب ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي حفاظت تي اسلام آباد پوليس جا 4 اهلڪار مقرر هئا پر هاڻ ان جي سيڪيورٽي تي ٻه اهلڪار مقرر آهن.