November 28, 2021

عدالتي حڪم تي ڪرپٽو ڪرنسي جي قانوني حيثيت جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪرپٽو ڪرنسي جي قانوني حيثيت جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جُڙي وئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جڊيشل ڪرنسي تي پابندي خلاف درخوست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر، درخواستگذار ۽ ٻيون اختياريون پيش ٿيون.

عدالت ڪرپٽو ڪرنسي جي قانوني حيثيت جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي ۾ اسٽيٽ بئنڪ، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي)، ناڻي واري وزارت، آءِ ٽي وزارت، پي ٽي اي ۽ درخوستگذار شامل هوندا.

عدالتي حڪم موجب درخواستگذار ڪميٽي جي مدد ڪندا ۽ پنهنجون سفارشون ڏيندا، ڪميٽي جي پهرين ميٽنگ 25 آڪٽوبر تي ٿيندي، ان کانپوءِ ڪميٽي جي ميٽنگ هر 15 ڏينهن ۾ ٿيندي.

عدالت ايف آءِ اي کي ڊجيٽل ڪرنسي جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪارروائي کان به روڪي ڇڏيو ۽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کان ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.

عدالتي حڪم موجب ڪميٽي جي ڪارروائي ڳجهي رکي ويندي، ڪميٽي جو ڪو ميمبر ان حوالي سان ڪا پريس رليز يا سوشل ميڊيا تي ڳالهه ٻولهه نه ڪندو، جيڪڏهن ڪميٽي جو ڪو ميمبر موجود نه هوندو ته ڪم روڪيو ويندو.

عدالت حڪم ڏنو ته غير قانوني ڪم ڪندڙ ايڪسچينجز خلاف ايس اي سي پي ڪارروائي جاري رکندي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي جنوري 2022 جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ هدايت ڪئي ته سمورا ڪميٽي ميمبر ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجي رپورٽن سان گڏ پيش ٿين.