January 18, 2022

نميبيا، نيڌرلينڊ کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

1 min read

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ستين ميچ ۾ نبيبيا جي ٽيم نيڌرلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

ابو ظهبي ۾ کيڏيل ڪواليفائنگ رائونڊ جي ستين ميچ ۾ نبيبيا ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ نيڌرلينڊ مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهيون.

جواب ۾ نبيبيا گهربل هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 19هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.

ائين نيڌرلينڊ جي ٽيم ٻن ميچن ۾ شڪست کانپوءِ ورلڊ ڪپ جي ٽاپ 12 ٽيمن لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube