January 18, 2022

ورلڊ ڪپ وارم اپ ميچ: پاڪستان جو ڏکڻ آفريقا کي ڪاميابي لاءِ 187 رنسن جو هدف

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻي وارم اپ ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي ڪاميابي لاءِ 187 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.

ابو ظهبي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 186 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان اننگز جي شروعات ڪئي پر 36 جي مجموعي اسڪور تي ٻئي ترتيب وار 15 ۽ 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.

محمد حفيظ 13، شعيب ملڪ 28 ۽ آصف علي 32 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا پر پاڪستاني اننگز جي خاص ڳالهه فخر زمان جي بيٽنگ هئي، جنهن 5 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 52 رنسون ٺاهيون.

حسن علي 11 ۽ شاداب خان 4 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا طرفان ڪگيسو ربادا 3 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.

Follow by Email
YouTube
YouTube