January 20, 2022

يمن جي گهرو ويڙهه ۾ هزارين گُل ڪومائجي ويا

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ٻارن جي ڀلائي جي عالمي اداري يونيسيف چيو آهي ته يمني گهرو ويڙهه جي 7 سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار ٻار اجل جو شڪار يا وري زخمي ٿي چڪا آهن.

گڏيل قومن جي ان اداري اهڙي اڳڀرائي کي دنيا جي ان بدترين انساني بحران ۾ هڪ ٻيو شرمناڪ سنگ ميل قرار ڏنو آهي.

انگن اکرن ۾ چيو ويو آهي ته ويڙهه سبب يمن ۾ روز تقريبن 4 ٻار مري ٿا وڃن يا زخمي ٿي ويندا آهن.

يونيسيف موجب 10 هزار واقعا رڪارڊ ڪيا ويا پر مارجي ويلن يا زخمي ٻارن جو حقيقي انگ ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.

Follow by Email
YouTube
YouTube