January 20, 2022

حڪمران ٻُڏي مرندا، بلاول مهانگائي ۽ ظلم مان ڇوٽڪارو ڏياريندو: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان چوندو هو ڊالر مٿي وڃي ته سمجهو حڪمران چور آهن، هاڻ ٻڌايو ڪير چور آهي؟ غريبن کي جيئڻ جو حق ڏيو، اسان جي جان ڇڏيو.

ڪراچي جي علائقي دائود چورنگي ۾ وفاقي حڪومت ۽ مهانگائي خلاف پ پ جي احتجاجي مظاهري سان خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته انهن کي ڪو شرم ناهي، انشاءَ الله انهن کي توهان شرم ڏياريندئو، انشاءَ الله اهي ماڻهو ٻڏي مرندا، توهان وڏا وڏا ارسطو آڻي ويهاريا آهن، اها ترقي پنهنجي گهرن ۾ رکو.

هن چيو عمران خان چوندو هو ڊالر مٿي وڃي ته سمجهو حڪمران چور آهن، هاڻ ٻڌايو ڪير چور آهي؟ ڪير ڦرلٽ ڪري رهيو آهي؟ اٽي ۽ کنڊ چورن کان غريبن کي بچائي کين جيئڻ جو حق ڏيو، اسان جي جان ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته پيٽرول 140 رپيا في ليٽر تي پهچي ويو آهي، مهانگائيءَ جو طوفان گذريل ٽن سالن ۾ آيو آهي، سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا لڳي رهيا آهن، جيستائين هي حڪمران رهندا، ماڻهن تي ائين ئي ظلم ڪندا رهندا، جيستائين اهي نااهل رهندا ماڻهن کي سڪون نه ملندو، مهانگائي ۽ ظلم مان بلاول ڇوٽڪارو ڏياريندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube