January 20, 2022

شوٽنگ دوران اداڪار جي فائرنگ ۾ عورت ڊائريڪٽر مارجي وئي، هدايتڪار زخمي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ۾ هڪ فلم جي شوٽنگ دوران اداڪار طرفان گولي ڇُٽڻ سبب عورت ڊائريڪٽر مارجي وئي.

اهو واقعو نيو ميڪسيڪو ۾ بونانزا ڪريڪ رينچ ۾ ”رسٽ“ نالي فلم جي سيٽ تي شوٽنگ دوران پيش آيو، جتي اداڪار ايلڪ بالڊون شوٽنگ ڪري رهيو هو ته اوچتو حادثي طور گولي ڇُٽي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 42 ورهين جي هيلينا هچنس مارجي وئي، جيڪا ڊائريڪٽر آف فوٽوگرافي هئي.

فائرنگ ۾ فلم جو هدايتڪار جول سوزا زخمي پڻ ٿيو، جيڪو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

63 ورهين جو بالڊون ان فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ فلم جو پروڊيوسر پڻ آهي، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube