December 7, 2021

آريان خان ۽ اننيا جي واٽس ايپ چيٽ، هاءِڪورٽ ۾ وضاحت پيش

ممبئي(ويب ڊيسڪ) منشيات ڪيس ۾ گرفتار شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان هاءِ ڪورٽ ۾ داخل اپيل ۾ واٽس ايپ چيٽ بابت وضاحت پيش ڪري ڇڏي.

آريان جي وڪيلن خاص عدالت طرفان ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ هاءِ ڪورٽ جو رخ ڪيو جنهن جا تفصيل ڀارتي ميڊيا جاري ڪري ڇڏيا آهن.

آريان پنهنجي وڪيلن جي معرفت داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته جاچ آفيسر طرفان کيس جهڙي ريت واٽس ايپ چيٽ پيش ڪيون ويون آهن اهي بلڪل غلط آهن، اين سي بي اهو انڪري ڪيو ته جيئن انهن کي منشيات ضبط ڪرڻ ڪرڻ واري معاملي ۾ ملوث ڪري سگهجي.

هن اپيل ۾ وڌيڪ چيو ته اين سي بي جن واٽس ايپ چيٽس کي بنياد بڻايو آهي اها حقيقت ۾ پراڻي چيٽ آهي، ڪهڙي به ريت ان مبينا واٽس ايپ چيٽس کي ڪنهن سازش سان نٿو ڳنڍي سگهجي جنهن جي لاءِ ڪا ڳجهي ڄاڻ ملي هجي.

واضح رهي ته 20 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي تي اين سي بي طرفان عدالت ۾ آريان ۽ اداڪارا اننيا پانڊي جي واٽس ايپ چيٽ پيش ڪئي وئي هئي جنهن ۾ انهن ٻنهي منشيات بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.